ٺلهه گاجي کھاوڙ

ٺلهه گاجي کھاوڙ

ٺلهه گاجي کھاوڙ

ٺلهه گاجي کھاوڙ: هي ٺلهه ڳوٺ گاجي کھاوڙ، ديهه گاجي کھاوڙ، تعلقو وارهه،ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ ۾ آهي. هي ٺلهه ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو هو، دڙي جي چوڌاري زمين جو مٿاڇرو ڪجهه ھيٺ آھي، شايد مقامي ماڻھن اتي کامان ھڻي مٽي ڪڍي آھي. اھو به اندازو آھي ته جڏھن مينھن پوندو ھوندو ته اتي پاڻي کڏن ۾ بيھي ويندو ھوندو. ٺلهه نھرو (solid) ٺھيل آھي. سرون پڪيون ۽ اوساري گل جي اٿس. سرون مختلف ماپ جون آھن: ڪي سرون چئن پنجن سينٽي ميٽرن جيتريون ٿلھيون ته ڪي ستن اٺن سينٽي ميٽرن جون ٿلھيون آھن. ٺلهه ٻن طبقن ۾ ٺھيل آھي. ھيٺيون طبقو وڏو ۽ چورس آھي، جيڪو اٽڪل 6 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اوچو آھي. مٿيون طبقو گول، ست فوٽ اوچو، جنھن تي 609 بار اڃا به بيٺل آھن. ھيٺئين طبقي ۾ ننڍا جارا ٺھيل آھن. ھيٺيون طبقو ڪافي ڊٺل آھي. گاري جي لنب جا نشان ٻنھي طبقن تي ڪجهه موجود آھن. اولهه پاسي ڪن ڏاڪڻين جا نشان به آھن، جيڪي مٿي وڃن ٿا. ٺلهه جي چوٽي ثابت نه آھي. هن وقت ٺلهه تباهه حال آهي، ان ڪري ماپون ساڳيون نه رهيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو